جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي

جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي (ڪتاب ):نوجوان ليکڪ ادريس جتوئيءَ ’جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي‘ جي عنوان سان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف لکيو هو، جنهن کي ساڳئي عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ۽ سنڌي ادبي سنگت نوان جتوئيءَ جي گڏيل سهڪار سان جون 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

هن ڪتاب جو مهاڳ شوڪت شوري لکيو آهي، جڏهن ته مير محمد پيرزادي جو ”اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي“ عنوان سان تفصيلي مضمون ۽ ملڪ نديم ۽ انور ابڙي جا تاثرات ڏنل آهن. ڪتاب ۾ بدر ابڙي جو مضمون ’مورچي ۾ بيٺل سپاهي‘ به شامل ڪيو ويو آهي.

هيءُ ڪتاب پنجن بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهريون: ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي اهميت ۽ سنڌي ڪهاڻي، باب ٻيو: ادبي تحريڪون، رجوع ۽ لاڙا، باب ٽيون: جمال ابڙي جي دؤر جي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي، باب چوٿون: جمال ابڙو ۽ سندس مختصر ڪهاڻي ۽ باب پنجون: نتيجا. جڏهن ته ضميمي ۾ مددي ڪتابن جي فهرست، جمال ابڙي جو يادگار انٽرويو، جمال ابڙي جون ٽي ڪهاڻيون، پيراڻي، خميسي جو ڪوٽ ۽ سينڌ ۽ ليکڪ جو پروفائيل ڏنو ويو آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو